ڪراچي-28 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ سرڪار پاران ٽريفڪ قاعدن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙين خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي ۽ هن وقت تائين ٽريفڪ قاعدن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي تي 25هزار 625 موٽرسائيڪلون تحويل ۾ ورتيون ويون آهن، جڏهن ته غيرقانوني رڪشا نما موٽرسائيڪلن (چنگچي) خلاف ڪارروائي دوران 278 چنگچيون ضبط ڪري عدالت ۾ جمع ڪرايون ويون ۽ 278 ڊرائيورن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته مهم دوران 16 کان 28 اپريل تائين ماڊل روڊن تي سيڪشن 188 تحت 99 ايف آءِ آرز، تيز رفتاري ۽ لاپرواهي سان ڊرائيونگ تي سيڪشن 279 تحت 1 ڪيس ۽ سيڪشن 341 تحت 21 ڪيس داخل ڪيا ويا آھن. بنا رجسٽريشن هلندڙ 13 چنگچي موٽرسائيڪلون به تحويل ۾ ورتيون ويون، 27 ايل پي جي/سي اين جي ڪِٽون ضبط ڪيون ويون ۽ 4,119 چالان جاري ڪيا ويا. هن چيو ته هيوري ۽ لائيٽ ٽرانسپورٽ گاڏين خلاف به سخت ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن ۾ 416 گاڏيون ضبط ڪيون ويون. هيوري ۽ لائيٽ ٽرانسپورٽ جي 25 گاڏين جي رجسٽريشن ختم ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي، جڏهن ته 380 گاڏين جي رجسٽريشن کي مشروط طور معطل ڪري فني سڌاري ۽ فٽنيس جي تجديد بعد ڇڏيو ويو آھي. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ سرڪار پنهنجي روڊن کي محفوظ، قانون جي تابع ۽ شهرين لاءِ آسان بڻائڻ جي عزم تي مڪمل عمل ڪري رهي آهي. هي مهم هڪ عارضي ڪارروائي ناهي، پر هڪ جامع سڌاري وارو عمل آهي، جيڪو بنا فرق جي جاري رهندو. هن وڌيڪ چيو ته غيرقانوني چنگچي رڪشا، بغير رجسٽريشن گاڏين ۽ غيرمعياري سي اين جي/ايل پي جي ڪِٽن خلاف به اٿرائتي مهم جاري آهي. عوامي سهڪار کان سواءِ جٽادار تبديلي ممڪن ناهي، سمورا شهري، ڊرائيور ۽ ٽرانسپورٽر قانون جي احترام کي يقيني بڻائين.