اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڏکڻ وزيرستان جي علائقي وانا ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي حملي ۾ قيمتي انساني جانين جي زيان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيدن جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر ۽ حوصلي جي دعا ڪئي. وزيراعظم زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪندي چيو ته معصوم شهرين جي جان ۽ مال کي نقصان پهچائيندڙ انسانيت جي دشمنن کي تمام وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي، ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز پرعزم آهن.