واشنگٽن-28 اپريل (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران جي ايٽمي پروگرام بابت جاري ڳالهين جي حوالي سان چيو آهي ته ڳالهيون سٺي انداز ۾ اڳيان وڌي رهيون آهن ۽ ايران سان معاهدو طئي ٿيڻ جو حتمي امڪان موجود آهي. پرڏيهي ايجنسي موجب معاهدو طئي ٿيڻ ۽ ڪنهن حل تائين پهچڻ، بمباري جهڙي متبادل حل کان بهتر آهي. آمريڪا ۽ ايران هاڻ تائين عمان جي ٽياڪڙي ۾ 3 دؤرن تي ٻَڌل ڳالهيون ڪري چڪا آهن. جن جو مقصد هڪ اهڙي معاهدي تي پهچڻ آهي جيڪو ايران کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ کان روڪڻ ۽ ان عيوض آمريڪا طرفان لاڳو سخت اقتصادي پابنديون ختم ڪيون وڃن.