العريش-28 اپريل (اي پي پي) گڏيل عرب امارات آپريشن الفارس الشهم 3 تحت غزه ۾ پاڻي جي کوهن کوٽڻ جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي ايجنسي موجب گڏيل عرب امارات آپريشن الفارس الشهم 3 ڏکڻ غزه جي مقامي انتظاميه ۽ مڪاني ادارن سان گڏجي پاڻي جي کوهن کوٽڻ جي هڪ نئين انساني مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ته جيئن پاڻيءَ جي کوٽ سبب پيدا ٿيل بحران کي ختم ڪري سگهجي. اهي فوري قدم انساني همدرديءَ جي بنياد تي کنيا ويا آهن ته جيئن بحران جي اثرن کي ڪنهن حد تائين گهٽ ڪري سگهجي. اهي قدم اهڙي وقت ۾ کنيا ويا آهن جڏهن غزه جون گذرگاهون بند ۽ خوراڪ ۽ ٻارڻ جي رسد روڪي پئي وڃي، جنهن جي نتيجي ۾ پاڻي صاف ڪندڙ اسٽيشنز به بند ٿي چڪا آهن ۽ اهم بنيادي ڍانچي جو نظام تباهي جو شڪار آهي. ان سلسلي ۾ انساني امداد مشن ڏکڻ غزه جي ڪيمپن ۽ پناهگاهن ۾ مقامي مارڪيٽ ذريعي فوڊ ڪچنز ۽ عارضي بيڪرين جي مدد جي شروعات به ڪئي آهي. اهڙن قدم جو مقصد متاثر ڪٽنبن کي گهٽ کان گهٽ خوراڪ جي فراهمي يقيني بنائڻ ۽ خراب انساني صورتحال ۾ سندن تڪليف کي گهٽ ڪرڻ آهي.