اسلام آباد-28 اپريل (اي پي پي) ڪشمير معاملن بابت وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو آهي ته نئين دهليءَ ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن ٻاهران ڀارتي بدمعاشي مذمت جوڳي آهي، نقصان جو ذميوار ڀارت هوندو. جاري بيان ۾ هن چيو ته سفارتخاني ۽ سفارتي عملي جي حفاظت ڀارتي حڪومت جي قانوني ذميداري آهي، ڀارتي حڪومت اهڙن مڪروه حرڪتن سان پهلگام فالس فليگ آپريشن جو ڊرامو لِڪي نٿو سگهي. هن چيو ته برطانيه ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن تي هملي جي انتهاپسنداڻي ڀارتي سوچ جو مظاهرو مذمت جوڳو آهي. پاڪستاني سفارتي عملي جي جذبي ۽ جرئت کي سلام پيش ڪريون ٿا، اوهان جي حفاظت اسان جي پهرين ترجيح آهي.