اسلام آباد-28 اپريل (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي صلاحڪار هارون اختر خان چيو آهي ته وزيراعظم جي ويزن موجب حڪومت فرنيچر جو روانگي واپار وڌائڻ ۾ هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي. اهڙو اظهار هن صنعت ۽ پيداوار واري وزارت ۾ فرنيچر مينيوفيڪچررز ايسوسيئيشن سان پنهنجي صدارت ۾ اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ فرنيچر سازي ۾ بي پناهه صلاحيت ۽ معياري مصنوعات موجود آهي. فرنيچر مينيوفيڪچررز ۾ وڏي انگ ۾ ننڍي ۽ وچولي درجي جا ادارا شامل آهن. هن چيو ته وزيراعظم جي ويزن موجب حڪومت فرنيچر مينيوفيڪچررز جو روانگي واپار وڌائڻ ۾ هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي. فرنيچر مينيوفيڪچررز ايسوسيئيشن جي نمائندي حڪومت کان سهولتون فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. سندس چوڻ هو ته فرنيچر مينيوفيڪچررز جي روانگي واپار ۾ آگاهي، هنرسازي، ٽيڪسيشن آگاهي ۽ دستاويزي معاملن ۾ مسئلا درپيش آهن. هارون اختر سميڊا ۽ پي آءِ ڊي سي کي فرنيچر ايسوسيئيشن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته فرنيچر سيڪٽر ۾ پاڪستان جي روانگي واپار ۾ واڌ ڪري سگهون ٿا. هن سميڊا ۽ پي آءِ ڊي سي کي فرنيچر روانگي واپار تي رپورٽ ايندڙ هفتي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.