اسلام آباد-28 اپريل (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاڪ- افغان سرحد تي وڌيڪ 17 خوارجين کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز وڌيڪ 17 خوارجي دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري دهشتگرديءَ کي ناڪام بنايو. پاڪستان جي بهادر سيڪيورٽي فورسز دراندازي ڪندڙ وڌيڪ 17 خوارجين کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو. هن واضح ڪيو ته پاڪستان ۾ خوارجي دهشتگردن ۽ سهولتڪارن کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏينداسين. خوارجي دهشتگردن جا ناپاڪ عزم خاڪ ۾ ملائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي سلام پيش ڪريان ٿو. هن سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيندي چيو ته قوم سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائيءَ کي فخر سان ڏسي ٿي، قوم کي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي مهارت ۽ جرئت تي فخر آهي. قوم سيڪيورٽي فورسز سان هر وقت گڏ آهي.