اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي اسيمبلي ميمبرن شاڪر بشير اعواڻ، احمد رضا مانيڪا، رياض الحق جج، ڊاڪٽر حفيظ الرحمان دريشڪ ۽ قانون واري مملڪتي وزير بئريسٽر عقيل ملڪ جدا جدا ملاقات ڪئي ۽ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب قومي اسيمبلي ميمبرن وزيراعظم کي عوام دوست ۽ پاڪستان جي معاشي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ هڪ ڪامياب بجيٽ پيش ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. ملاقاتن ۾ لاڳاپيل تڪن جي معاملن ۽ ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقاتن ۾ پبلڪ افيئرز يونٽ وارو وفاقي وزير راڻا مبشر اقبال ۽ پاور ڊويزن وارو مملڪتي وزير عبدالرحمان ڪانجو پڻ موجود هئا.