ڪنمنگ / اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) بنگلاديش – چين – پاڪستان ٽه ڌريي مڪينزم جو چين جي صوبي يونان جي شهر ڪنمنگ ۾ افتتاحي اجلاس ٿيو. پرڏيهي آفيس موجب اجلاس ۾ چين جي نائب پرڏيهي وزير سن ويڊونگ، بنگلاديش جي وقتي پرڏيهي سيڪريٽري روح العالم صديقي ۽ پاڪستان جي ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري عمران احمد صديقي شرڪت ڪئي. پاڪستان جي پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس جي پهرين مرحلي ۾ شرڪت ڪئي. پنهنجي خطاب ۾ پرڏيهي سيڪريٽري سفير آمنه بلوچ ٽه ڌريي مڪينزم جو افتتاحي اجلاس گهرائڻ تي چين کي ساراهيو. پرڏيهي سيڪريٽري عوامي ترقي جي لاءِ ٽنهي ڌرين جي گڏيل خواهشن جو ذڪر ڪندي چين ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي وچ ۾ گهري رابطن جي پاڪستان جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻطرفي لاڳاپن جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪندي پرڏيهي سيڪريٽري واپار ۽ سيڙپڪاري، زراعت، ڊيجيٽل معيشت، ماحوليات جي تحفظ، ميرين سائنسز، گرين انفراسٽرڪچر، ثقافت، تعليم ۽ عوام سان عوام جي مٽاسٽا ۾ لاڳاپن کي وڌائڻ جي لاءِ چين ۽ بنگلاديش سان گڏ ڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي تياري کان آگاهه ڪيو. ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ٽه ڌريي تعاون جي رهنمائي وڏي پئماني، جامعيت، سٺي پاڙيسريت، گڏيل احترام ۽ اعتماد جي اصولن سان ڪئي ويندي ۽ ڪاميابي جي تعاون جي رخ ۾ ڪم ڪيو ويندو. ٽنهي ڌرين ملاقات دوران طئي ٿيندڙ مفاهمت کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ گڏيل ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.