اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 21 ۽ 22 جون تي منعقد ٿيندڙ اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 51هين اجلاس ۽ اسلامي تعاون يوٿ فورم ايوارڊ جي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ استنبول پهچي ويو جتي ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان کي اعزاز سان نوازيو ويندو. ڪالهه جمعي ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي اچڻ تي ترڪيه ۾ پاڪستان جي سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد، قونصل جنرل نعمان اسلم ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزارت جي عملدارن سندس استقبال ڪيو.