اسلام آباد-20 جون (اي پي پي) قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته ناڻي وارو وفاقي وزير ڇنڇر تي بجيٽ تي بحث سهيڙيندو، بلوچستان جا مسئلا تمام گهڻا ڳنڀير آهن، اسان جي نيت تي شڪ نه ڪيو وڃي، وفاقي حڪومت صوبي لاءِ جيڪو ڪجهه ڪري سگهي اهو ضرور ڪندي. جمعي ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ مختلف ميمبرن طرفان اٿاريل نڪتن تي جواب ڏيندي هن چيو ته وزير اعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي ترقي تي خاص ڌيان ڏئي رهيو آهي، بلوچستان ۾ 4 دانش اسڪول تعمير ڪيا ويندا، هڪ اسڪول تي 03 ارب روپيا لاڳت ايندي آهي. ان سلسلي ۾ بلوچستان حڪومت کي به آن بورڊ ورتو ويو آهي. اهڙيءَ ريت پي ڊي ايل جو جڏهن فيصلو ٿيو ته وزير اعظم چيو ته ٽيڪس پوري ملڪ مان گڏ ٿيڻ گهرجي، مان بلوچستان کي اهي سهولتون ڏيڻ چاهيان ٿو، بلوچستان جي خوني شاهراهه جو هتي بار بار معاملو اٿاريو ويندو هو ان لاءِ سڄي رقم ان لاءِ منتقل ڪئي وئي آهي ۽ ڪوئٽه چمن شاهراهه کي بهتر بڻايو ويندو. هن چيو ته بلوچستان اسان جي دل جي تمام ويجهو آهي اتان جا مسئلا تمام گهڻا ڳنڀير آهن، اسان جي نيت تي شڪ نه ڪيو وڃي. وفاقي حڪومت صوبي لاءِ جيڪو ڪجهه ڪري سگهي اهو ضرور ڪندي. هن چيو ته سنڌ حڪومت هڪ قانون منظور ڪري رکيو آهي ته 18 ورهين کان گهٽ عمر واري شادي تي پابندي آهي. هندو نياڻين جي اغوا جو جيڪو واقعو پيش آيو آهي ان حوالي سان انساني حقن بابت وزارت سنڌ حڪومت سان مسلسل رابطي ۾ آهي، ان واقعي جي مڪمل جاچ ٿيندي. وفاقي حڪومت ۽ گهرو وزارت به ان حوالي سان صوبائي حڪومت سان مڪمل سهڪار ڪندي.