اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پي اين ايس سي جي ٻيڙي ۾ اضافي جي لاءِ ليز تي سامونڊي جهاز وٺڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ٻن هفتن ۾ پي اين ايس سي جو بزنس پلان پيش ڪيو وڃي جنهن ۾ قومي خزاني مان ساليانو 4 بلين ڊالر جو بار ختم ڪرڻ جي حڪمت عملي شامل هجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جي معاملن تي جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم پي اين ايس سي جي ٻيڙي ۾ اضافي جي لاءِ ليز تي سامونڊي جهاز وٺڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پي اين ايس سي جي ٻيڙي ۾ سامونڊي جهاز گهٽ هجڻ سبب سمنڊ جي رستي واپار تي قومي خزاني مان ساليانو 4 بلين ڊالر جو قيمتي پرڏيهي ناڻو خرچ ڪرڻو پئجي رهيو آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ٻن هفتن جي اندر پي اين ايس سي جو بزنس پلان پيش ڪيو وڃي جنهن ۾ قومي خزاني مان ساليانو 4 بلين ڊالر جو بار ختم ڪرڻ جي حڪمت عملي شامل هجي. وزيراعظم کي پي اين ايس سي جي ڪارڪردگي تي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته اداري وٽ مختلف نوعيت جا 10 سامونڊي جهاز آهن، جيڪي 724643 ٽن ڪارگو کڻي وڃڻ جي صلاحيت رکن ٿا. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري ۽ پي اين ايس سي جا اعليٰ عملدار پڻ شريڪ هئا.