راولپنڊي-28 اپريل (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جو افغان سرحد ويجهو آپريشن، وڌيڪ 17 دهشتگرد مارجي ويا، مارجي ويلن جو ڪل انگ 71 ٿي ويو. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز پاڪ- افغان سرحد تي حسن خيل جي ويجهي علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن ڪيو، جنهن ۾ 17 خوارجي مارجي ويا. مارجي ويل خوارجي پنهنجي ڀارتي آقائن جي چوڻ تي ڪارروايون ڪري رهيا هئا. مارجي ويل 17 خوارجين وٽان هٿيار، بارود ۽ ڌماڪيدار مادو به هٿ ڪيو ويو. اُتر وزيرستان ۾ 3 ڏينهن جي ڪاررواين دوران هاڻي تائين 71 دهشتگردن کي ماريو ويو آهي. آچر ڏينهن سيڪيورٽي فورسز 54 خوارجين کي ماري ڇڏيو هو. سيڪيورٽي فورسز گذريل ڏينهن ٿيل آپريشن جي فالو اپ ۾ هي آپريشن ڪيو.