اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چين ۾ پاڪستاني شاگردن ۽ شاگردياڻين کي زراعت جي شعبي ۾ جديد تربيت جي پروگرام جي نگراني جي لاءِ مقرر هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر صائمه نورين ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته صائمه نورين جو عوامي خدمت جو جذبو سرڪاري آفيسرن جي لاءِ قابل تقليد آهي، سندس شاگردن سان چين وڃڻ ۽ انهن جي مسئلن کي حل ڪري انهن کي چيني يونيورسٽي ۾ قيام تائين جي سمورن انتظامن جي پاڻ نگراني ڪرڻ ساراهه جوڳو آهي. وزيراعظم چيو ته اهڙا آفيسر جيڪي عوامي خدمت ۾ ڏينهن رات مصروف آهن اهي ئي ترقي ۽ مراعتن جا اصل حقدار آهن، الله جي فضل ۽ ڪرم سان چين ۾ جديد زراعت جي تربيت جي لاءِ شاگردن جي پهرين کيپ پهچي چڪي آهي. ملاقات ۾ صائمه نورين شاگردن کي ان سموري عمل دوران درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو ۽ مستقبل ۾ انهن جي خاتمي جي لاءِ سفارسون پيش ڪيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف صائمه نورين جي اعليٰ ڪارڪردگي جي اعتراف ۾ کيس تعريفي سَند ۽ شيلڊ پيش ڪئي. پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ٻڌايو ته شاگرد شيان يونيورسٽي ۾ حفاظت سان پهچي چڪا آهن ۽ تربيت حاصل ڪري رهيا آهن. وزيراعظم پاڪستاني شاگردن ۽ شاگردياڻين کي جديد زراعت جي تربيت جي لاءِ چين موڪلڻ جي چونڊ جي طريقيڪار جي شفافيت جانچڻ جي لاءِ ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزيرن راڻا تنوير حسين، عطاءُ الله تارڙ ۽ اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.