اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف رمضان ريليف پئڪيج تحت مستحق ماڻهن کي شفاف ادائيگي کي ساراهيندي چيو آهي ته ڊيجيٽل والٽس جي جديد نظام سان 79 سيڪڙو رقم ڊيجيٽل طريقي سان مستحقين تائين پهچائي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم رمضان ريليف پئڪيج جي ڪاميابي ۽ مستحقين تائين رقم جي ڊيجيٽل فراهمي جي لاءِ نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙن جي پذيرائي جي لاءِ هڪ خصوصي تقريب وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿي جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. تقريب جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته رمضان ريليف پئڪيج جي ڪاميابي جي لاءِ سمورين ڌرين جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته پئڪيج تحت مستحق ماڻهن جو وقار برقرار رکندي شفاف انداز ۾ ادائيگيون ڪيون ويون، ادائيگي جي جديد طريقيڪار سان رقم جي منتقلي ممڪن ٿي. هن چيو ته ڊيجيٽل والٽس جي ذريعي رقم جي منتقلي انتهائي آسان ۽ شفاف رهي، پروگرام تحت 79 سيڪڙو رقم ڊيجيٽل طريقي سان ادا ڪئي وئي. هن چيو ته ادائيگي جي پراڻي نظام ۾ تمام گهڻيون خاميون هيون جيڪي هن جديد نظام سان ختم ٿيون، نظام کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ جي لاءِ قدمن جا مثبت نتيجا سامهون آيا. وزيراعظم چيو ته ڊيجيٽل والٽ جي دائري کي سڄي ملڪ ۾ توسيع ڏينداسين، ٺوس نظام جي ذريعي ڊيجيٽل ادائيگين جي عمل ۾ صوبن کي پڻ شامل ڪنداسين. هن چيو ته الحمدالله ٽيم ورڪ جي ڪري مستحق خاندانن کي رقم جي فراهمي ممڪن ٿي، ايندڙ سال ڊيجيٽل طريقي سان 100 سيڪڙو فنڊز جو استعمال يقيني بڻائينداسين. تقريب ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي سيڪريٽري عامر احمد علي پي ايم رمضان ريليف پئڪيج ۽ ڊيجيٽل والٽس جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم پي ايم رمضان ريليف پئڪيج لاڳو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ سرڪاري ۽ نجي ادارن جي آفيسرن جي خدمتن جي اعتراف ۾ انهن کي اعزازي شيلڊز ڏنيون.