اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان سنڌ طاس معاهدي تحت پنهنجي جائز حصي جو پاڻي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندو، معاهدي کي معطل ڪرڻ جي ڪوشش جو ڀارت جو هڪطرفو ۽ غيرقانوني قدم بين الرياستي لاڳاپن جي قاعدن، عالمي قانونن ۽ پاڻ معاهدي جي شقن جي ابتڙ آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اها ڳالهه نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سنڌ طاس معاهدي جي حوالي سان هڪ اهم اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي جنهن جو پس منظر ڀارت پاران معاهدي کي معطل ڪرڻ جي ڪوشش هو. اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير، پاڻي وسيلن، واري وفاقي وزير اٽارني جنرل، سينيئر عملدارن ۽ ٽينيڪي ماهرن شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير زور ڏنو ته پاڪستان سنڌ طاس معاهدي تحت پنهنجي جائز حصي جو پاڻي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ سموري ضروري قدم کڻندو. هن واضح ڪيو ته معاهدي کي معطل ڪرڻ جي ڪوشش جو ڀارت جو هڪطرفو ۽ غيرقانوني قدم بين الرياستي لاڳاپن جي قاعدن، عالمي قانونن ۽ پاڻ معاهدي جي شقن جي ابتڙ آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهو معاهدو خطي جي استحڪام جي لاءِ انتهائي اهم آهي ۽ ان جي تقدس کي برقرار رکڻ ضروري آهي. هن چيو ته سنڌ طاس جو پاڻي نظام پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام جي لاءِ زندگي جي علامت آهي ۽ ڀارت پاران پاڻي کي هٿيار بڻائڻ جي ڪوشش افسوسناڪ آهي. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان پنهنجي پاڻي حقن جي تحفظ ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ معاهدي جي مڪمل لاڳو جي حمايت جاري رکندو.