اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ڀارت پاران پاڪستاني ٽي وي چينلز ۽ ڪيترن ئي صحافين ۽ اينڪرپرسنز جي يوٽيوب چينلز کي ڀارت ۾ بند ڪرڻ جي قدم تي ملڪي ميڊيا ادارن، صحافين ۽ اينڪرپرسنز سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ قومي بيانيي جي موثر دفاع ۽ ڀارتي پروپئگنڊه جي خلاف پاڪستان جي موقف کي دنيا آڏو بهتر انداز ۾ پيش ڪرڻ تي کين خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته ڀارتي حڪومت پنهنجي شرمندگي ۽ خفت لڪائڻ جي لاءِ پاڪستاني چينلز تي پابنديون هنيون پر انهن قدمن سان نه حقيقتون دٻائي سگهجن ٿيون نه ئي پاڪستان جو موقف دنيا کان لڪائي سگهجي ٿو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته ڀارت جو بيانيو عالمي سطح تي مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪو آهي جڏهن ته پاڪستاني ميڊيا موجوده صورتحال ۾ پيشيواراڻي مهارت، ذميواري ۽ حب الوطني جو مظاهرو ڪندي مثالي ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته پاڪستاني ميڊيا ڀارتي پروپئگنڊه جو موثر جواب ڏنو ۽ عالمي برادري آڏو پاڪستان جو موقف واضح انداز ۾ پيش ڪيو جنهن تي اهي خراج تحسين جا مستحق آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان حڪومت انهن ميديا ادارن ۽ صحافين جي مڪمل حمايت جاري رکندي جيڪي قومي وقار کي بلند ڪرڻ ۽ بيانيي جي فروغ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته حڪومت هر ان آواز جي حوصلا افزائي ڪندي جيڪو ملڪ جي سالميت، وقار ۽ قومي بيانيي جي ترويج ۾ مددگار هوندو. عطاءُ الله تارڙ زور ڏنو ته ڀارتي حڪومت جو پاڪستاني ٽي وي چينلز ۽ يوٽيوب پليٽ فارمز تي پابندي هڻڻ صحافت جي عالمي اصولن جي واضح خلاف ورزي آهي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت ان معاملي کي لاڳاپيل عالمي فورمز تي پڻ اٿاريندي ته جيئن دنيا ڀارتي پابندين کان آگاهه ٿي سگهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستاني ميڊيا حالتن کي نظر ۾ رکندي قومي مفادن کي ترجيح ڏني ۽ انتهائي متوازن ۽ ذميواراڻي رپورٽنگ جو مثال قائم ڪيو. هن چيو ته پاڪستاني صحافين ۽ اينڪرپرسنز پيشيواراڻي ديانتداري سان پنهنجون ذميواريون ادا ڪيون ۽ انهن جي خدمتن کي سنهري لفظن ۾ لکيو ويندو.