واشنگٽن – 19 جون (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪ فوج جي سربراهه فيلڊ مارشل عاصم منير جي اعزاز ۾ پنهنجي سرڪاري رهائشگاهه وائٽ هائوس ۾ مانجهاندو ڏنو ۽ چيو ته پاڪ فوج جي سربراهه سان ملاقات منهنجي لاءِ اعزاز جو سبب آهي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن اسرائيل ايران بحران سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هڪ سوال جي جواب ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته پاڪستان جو فيلڊ مارشل عاصم منير ايران کي چڱي طرح نه پر تمام چڱي طرح سڃاڻي ٿو ۽ هو اسرائيل ايران تڪرار تي خوش ناهي. ايئن ناهي ته اسرائيل سان سان سندس لاڳاپا سٺا آهن، حقيقت ۾ هو ٻنهي ملڪن کي سڃاڻي ٿو پر شايد هو ايران کي وڌيڪ بهتر سڃاڻي ٿو ۽ هو صورتحال کي ڏسي رهيو آهي ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير مون سان متفق آهي. منهنجو کيس هتي سڏرائڻ جو سبب اهو هو ته آئون ان ڳالهه تي سندس ٿورا مڃڻ چاهيان ٿو ته هن ڀارت سان جنگ کان پاسو ڪيو ۽ جنگ ختم ٿي وئي. آمريڪي صدر ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي به ان جو ڪريڊٽ ڏنو. هن چيو ته اهو ئي سبب آهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير سان ملاقات هن لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. واضح رهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير پاڪ فوج جو پهريون سربراهه آهي جنهن کي آمريڪي صدر طرفان وائٽ هائوس ۾ مانجهاندو ڏنو ويو آهي، جيڪو آمريڪا جي پاڪستان سان پنهنجن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۾ دلچسپي کي اجاگر ڪري ٿو.