اسلام آباد-19 جون (اي پي پي) پاڪستان انويسٽمينٽ بانڊز جي نيلامي مان 556.8 ارب روپيا حاصل ٿيا.اسٽيٽ بينڪ پاران جاري ڪيل بيان موجب اسٽيٽ بينڪ جي نيلامي مان 300 ارب روپيا گڏ ڪرڻ جو هدف رکيو ويو هو . بينڪ کي گڏيل طور تي 1217 ارب روپين جا واڪ مليا. انهن بانڊز تي منافعي جي شرح 11.39 سيڪڙو کان وٺي 12.7 سيڪڙو جي وچ ۾ مقرر ڪئي وئي آهي.