اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (ايشيا پيسفڪ) عمران احمد صديقي گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن تحت گهڻ رخي جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ عزم تي زور ڏيندي ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو آهي ته امن ۽ ترقي هڪ مستحڪم ۽ خوشحال خطي جي تعمير جي لاءِ گڏيل طور تي مضبوط ٿنڀ آهن. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪنمنگ ۾ ڇهين چين – ڏکڻ ايشيا تعاون فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. فورم جي ميزباني تي چين جي قيادت کي ساراهيندي عمران احمد صديقي چيو ته بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آءِ) تحت اعليٰ معيار جي ترقي جنهن جو مثال چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پي اي سي) جي فليگ شپ منصوبي سان ملي ٿو، ان خطي جي سماجي ۽ اقتصادي منظرنامي کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. جامع ۽ پائيدار ترقي جي اهم ضرورت تي روشني وجهندي ايڊيشنل سيڪريٽري پاڪستان جي ترقياتي ويزن جو خاڪو پيش ڪيو جيڪو علائقائي رابطن ۾ اضافي، سامونڊي وسيلن جي پائيدار استعمال، موسمياتي لچڪ ۽ فني جدت تي ٻڌل آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته خطي ۾ پائيدار علائقائي امن قائم ڪرڻ پراڻي تڪرارن کي حل ڪرڻ کانسواءِ خاص طور تي غيرملڪي قبضي وارن علائقن ۾ حاصل نه ٿو ڪري سگهجي. هن علائقائي تعاون جي بنياد جي طور تي گڏيل پرامن بقاءَ جي پنج اصولن تي عمل پيرا ٿيڻ تي زور ڏنو جيڪي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت، عدم جارحيت، عدم مداخلت، برابري ۽ تڪرارن جي پرامن حل تي مرڪوز آهن. ڏکڻ ايشيا جي مستقبل جي جوڙجڪ ۾ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي ڪردار جو ذڪر ڪندي هن ڊيجيٽل انفراسٽرڪچر، مصنوعي ذهانت ۽ جدت جي قيادت ۾ ترقي ۾ وڌيڪ تعاون تي زور ڏنو. هن موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ، قدرتي آفتن جي تياري ۽ گڏيل پاڻي وسيلن جي گڏيل انتظام جي لاءِ ٺوس علائقائي ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ پاڻي کي هٿيار بڻائڻ جي هڪطرفي ڪوششن جي خلاف خبردار ڪيو. ايڊيشنل سيڪريٽري چائنا سائوٿ ايشيا ڊيولپمينٽ فورم قائم ڪرڻ جي تجويز پڻ پيش ڪئي جيڪو خطي ۾ گڏيل خوشحالي ۽ جامع ترقي کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ترجيحي شعبن ۾ عملي تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ هڪ اعليٰ سطحي طريقيڪار جي طور تي ڪم ڪري سگهي ٿو.