اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) پاڪستان يورپي يونين هٿيارن جي عدم ڦهلاءُ ۽ خاتمي بابت ڳالهه ٻولهه جو پنجون دور اسلام آباد ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب يورپي يونين ۽ پاڪستان عالمي ۽ علائقائي امن، سلامتي ۽ اسٽريٽجڪ استحڪام بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڳالهه ٻولهه ۾ هٿيارن جي خاتمي ۽ عدم ڦهلاءُ جي مختلف رخن خاص طور تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي فرسٽ ڪميٽي جي ايجنڊا، هٿيارن جي خاتمي جي ڪانفرنس ۽ مختلف عالمي هٿيارن جي خاتمي جي ڪنوينشنز بشمول حياتياتي هٿيارن جي ڪنوينشن (بي ڊبليو سي)، ڪيميائي هٿيارن جي ڪنوينشن (سي ڊبليو سي) جي حوالي سان معاملن تي پڻ ڌيان ڏنو ويو. بيان موجب ان کانسواءِ ڳالهه ٻولهه ۾ برآمدي ڪنٽرول جي تازي رجحانن جو جائزو ورتو ويو ۽ عالمي سلامتي تي اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي اثرن جو جائزو ورتو ويو. هٿيارن جي عدم ڦهلاءُ ۽ خاتمي تي پاڪستان – يورپي يونين ڊائيلاگ يورپي يونين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ وسيع تر مشغوليت جو هڪ لازمي حصو آهي. هن ان کي سلامتي ۽ استحڪام ۽ هٿيارن جي ڪنٽرول، هٿيارن جي خاتمي ۽ عدم ڦهلاءُ جي مسئلن تي تعميري مشغوليت جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم جي طور تي تسليم ڪيو. ڌرين 2026ع ۾ برسلز ۾ ڳالهه ٻولهه جو ڇهون دور منعقد ڪرڻ تي گڏيل اتفاق ڪيو. آرمز ڪنٽرول، هٿيارن جي اتمي ۽ عالمي سلامتي بابت ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري طاهر اندرابي پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي جڏهن ته يورپي يونين جي هٿيارن جي عدم ڦهلاءُ ۽ خاتمي بابت خصوصي ايلچي اسٽيفن ڪليمنٽ يورپي يونين جي وفد جي قيادت ڪئي.