اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاڪستان اسٽيل ملز جي جڳهه تي ڪراچي انڊسٽريل پارڪ قائم ڪرڻ جي تجويزن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ قائم ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه کانسواءِ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي)، صنعت واري وزارت ۽ بورڊ آف انويسٽمينٽ جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سائيٽ کي هڪ جديد صنعتي مرڪز ۾ تبديل ڪرڻ تي غور ڪيو ويو. نائب وزيراعظم صنعتي پارڪس قائم ڪرڻ تي ڪم تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ مقامي ۽ غيرملڪي سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ انهن کي عالمي معيار موجب بڻائڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن برآمدات تي ٻڌل صنعتي ترقي کي فروغ ڏيڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ ڪاروبار جي لاءِ سازگار ماحول کي فروغ ڏيڻ جي حڪومت جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو.