اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”فيڪٽ چيڪر“ ڀارتي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا اڪائونٽس پاران پاڪستان جي خلاف پکيڙيل ڪوڙين ۽ هٿ ٺوڪين خبرن جي سختي سان ترديد ڪئي آهي. فيڪٽ چيڪر سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ واضح ڪيو آهي ته ڀارت سان لاڳاپيل ميڊيا ادارا ۽ سوشل ميديا اڪائونٽس ڄاڻي واڻي منظم طريقي سان پاڪستان جي خلاف ڪوڙيُون ۽ گمراهه ڪندڙ خبرون ڦهلائي رهيا آهن جن ۾ چيو پيو وڃي ته اسرائيل – ايران جنگ دوران پاڪستان کان فوجي اڏن جو مطالبو ڪيو ويو آهي ۽ اها دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته پاڪستان جي فضائي حدن کي انٽيليجنس گڏ ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. فيڪٽ چيڪر انهن سمورين دعوائن کي بلڪل ڪوڙ، بي بنياد، کل جوڳي پروپئگنڊه قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته اهو سڀ ڀارت جي ميڊيا ۽ ان جي پراڪسيز پاران پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جون ڪڌيون ڪوششون آهن.