برن – 28 اپريل (اي پي پي) ٽورڊي رومانڊي سائيڪل ريس جو 78 هون ايڊيشن اڱارو 29 اپريل کان سوئٽزرلينڊ ۾ شروع ٿيندو. سائيڪل ريس ۾ دنيا جا مشهور سائيڪل سوار شرڪت ڪندا. ٽور ڊي رومانڊي سائيڪل ريس 5 مرحلن تي ٻڌل هوندي. ٽورڊي رومانڊي سائيڪل ريس 29 اپريل کان شروع ٿيندي جيڪا 6 ڏينهن جاري رهڻ بعد 4 مئي تي ختم ٿيندي. ٽورڊي رومانڊي سائيڪل ريس ۾ انوس گرينيڊيئرز ٽيم اسپين جي سائيڪلسٽ ڪارلوس روڊ ريگز پنهنجي اعزاز جو دفاع ڪندو. ٽورڊي رومانڊي سائيڪل ريس جو پهريون ايڊيشن پهريون ڀيرو 1947 ۾ ٿيو هو جيڪو بيلجئيم جي سائيڪل سوار ڪيٽلير کٽيو هو.