لنڊن-28 اپريل (اي پي پي) انگلش پريمئير ليگ جي ٽاپ ٽيبل ٽيم ليور پول هڪ ميچ ۾ پنهنجي بهترين ڪارڪردگي سبب ٽوٽنهم هاٽ پور کي آساني سان 5-1 جي گول تان هاراي ڇڏيو. اها ليورپول جي اي پي ايل ۾ 25 هين ڪاميابي آهي. لوئس ڊياز، اليڪسس ميڪ اليسٽر، ڪوڊي گڪپو، محمد صلاح ۽ ڊيسٽني اڊوگي هڪ گول ڪري پنهنجي ٽيم ليور پول جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ليگ جا دلچسپ مقابلا انگلينڊ ۾ جاري آهن جنهن ۾ فٽ بال جي مداحن کي سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. ليگ ۾ ليور پول جي ٽيم پوائنٽس ٽيبل تي 82 پوائنٽس سان ٽاپ پوزيشن تي برقرار آهي. آرسنل جي ٽيم 67 پوائنٽس سان ٻئي نمبر جڏهن ته نيو ڪيسل يونائيٽيڊ جي ٽيم 62 پوائنٽس سان ٽئين نمبر تي آهي.