ڪولمبو-28 اپريل(اي پي پي) ڀارت ۽ ڏکڻ آفريقا جي عورتاڻين ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽه ملڪي سيريز جو ٻيو ميچ 29 اپريل تي کيڏيو ويندو اهو ميچ ڪولمبو ۾ کيڏيو ويندو. سيريز ۾ ميزبان سريلنڪا، ڀارت ۽ ڏکڻ آفريقا جون وومين ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. سيريز جو پهريون ميچ ڀارتي ٽيم ميزبان سريلنڪن وومين ڪرڪيٽ ٽيم کان 9 وڪيٽن تان کٽيو هو. سيريز جو ٻيو ميچ ڏکڻ آفريقا ۽ ڀارت جي وومين ٽيمن وچ ۾ 29 اپريل تي ڪولمبو ۾ کيڏيو ويندو، ٽيُون ميچ پهرين مئي تي سريلنڪا ۽ ڏکڻ آفريقا جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو، چوٿون ميچ 4 مئي تي سريلنڪا ۽ ڀارت جي وومينز ٽيمن وچم کيڏيو ويندو، پنجون ميچ 7 مئي تي ڏکڻ آفريقا ۽ ڀارت جي وومينز ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو، ڇهين ميچ 9 مئي تي ميزبان سريلنڪا ۽ ڏکڻ آفريقا جي وومينز ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو جڏهن ته ٽه ملڪي سيريز جو فائنل 11 مئي تي کيڏيو ويندو. ٽه ملڪي سيريز ۾ هر ٽيم هڪ ٻئي خلاف چار چار ميچون کيڏندي جنهن ۾ سڀ کان اڳيان ٻه ٽيمون فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون. ٽه ملڪي سيريز جي فائنل سميت سموريون ميچون پريما داس اسٽيڊيم ڪولمبو ۾ کيڏيون وينديون.