تھران – 28 اپريل (اي پي پي) ايران جي صدر مسعود پيز شڪيان ايران کي سيڙپڪاري ۽ واپار لاءِ بھترين پليٽ فارم قرار ڏيندي چيو آھي ته اسان جو ملڪ پرڏيھي واپارين جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪري ٿو. پرڏيھي ميڊيا مطابق ھن گذريل ڏينھن ايران جي ايڪسپورٽ صلاحيت جي ستين نمائش (ايران ايڪسپو) جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ايران ڪاروباري ماڻھن جي سيڙپڪاري سان گڏو گڏ پرڏيھي سياحن لاءِ ھڪ مناسب پليٽ فارم آھي. ھن چيو ته ان صلاحيت مان دنيا لاءِ سلامتي ۽ امن جي حوالي سان ھڪ سٺو مستقبل جوڙي سگھجي ٿو. واپار، سيڙپڪاري، رفاقت ۽ سھڪار سان امن ۽ سلامتي قائم رھندي.