اسلام آباد – 28 اپريل (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ پورهيتن جو عالمي ڏھاڙو پھرين مئي ۽ صحافين جو عالمي ڏھاڙو 03 مئي تي ملھايو ويندو. پھرين مئي تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل هوندي جڏھن ته مختلف پورهيت تنظيمن طرفان ريليون، سيمينار منعقد ڪيا ويندا جنھن ۾ پورهيت اڳواڻ خطاب ڪندا. 03 مئي تي صحافين جي عالمي ڏھاڙي جي حوالي سان سڄي ملڪ جي پريس ڪلبن ۾ تقريبون ۽ نوجوانن لاءِ خاص تربيتي ورڪشاپس منعقد ڪيا ويندا.