اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اتر وزيرستان ۾ سنيٽائيزيشن آپريشن ۾ وڌيڪ 17 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڪارروائي دوران فتنه الخوارج جي 17 دهشتگردن جو خاتمو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. هن دهشتگردن جي خلاف گذريل ڏينهن جي وڏي ڪارروائي کانپوءِ وڌيڪ دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيو. صدر چيو ته دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون جاري رهنديون. هن چيو ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز جون دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪامياب ڪارروايون ڪرڻ خوشي جوڳي ڳالهه آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته دهشتگرد عنصرن جي خاتمي، ملڪي دفاع جي لاءِ اسان جو عزم مضبوط رهندو. هن فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي جي قومي عزم جو پڻ اظهار ڪيو.