اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرسان جي علائقي حسن خيل ۾ آپريشن جي نتيجي ۾ 17 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته گذريل 3 ڏينهن دوران اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي آپريشن ۾ 71 خارجين جي مارجڻ مان واضح آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگردي جي خاتمي لاءِ مڪمل طور تي پرعزم آهن. انسانيت جي دشمن دهشتگردن جي ڪڌي ارادن کي اهڙي طرح خاڪ ۾ ملائيندا رهنداسين. وزيراعظم چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين اسان جي دهشتگردن جي خلاف جنگ جاري رهندي.