اسلام آباد-28 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پهلگام واقعي جي غير جانبدار ۽ منصفاڻي جاچ لاءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف طرفان ڏنل آڇ جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اها آڇ انتهائي مخلصاڻي ۽ نيڪ نيتن تي ٻڌل آهي، جنهن جو مقصد حقيقتن کي سامهون آڻڻ ۽ اصل ڏوهارين جي نشاندهي ڪرڻ آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق اسپيڪر چيو ته ڀارتي حڪومت کي ان غير جانبدار جاچ جي آڇ جو هاڪاري جواب ڏيڻ گهرجي ۽ بي بنياد الزام لڳائڻ بجاءِ پاڪستان جي آڇ قبول ڪري سچائي سامهون آڻڻ ۾ معاونت ڪرڻ گهرجي. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ڀارت ان واقعي کي بنياد بنائي ڪنهن به قسمجي مهم جوئي جي ڪوشش ڪئي ته پاڪستان پنهنجي پوري قوت سان ان جو ڀرپور جواب ڏيندو، ڀارت طرفان جنگي جنون کي وڌائڻ سڄي خطي جي سلامتي کي خطري ۾ وجهڻ جي برابر آهي. پاڪستان جي هٿياربند فوج دشمن جي ڪنهن به جارحيت جو ڀرپور جواب ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي، سڄي قوم پنهنجي فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي ۽ وطن جي دفاع لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان پنهنجي بنيادي قومي مفادن تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪندو، پاڪستاني عوام، پارليامينٽ ۽ زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ هر پاڪستاني وطن جي دفاع لاءِ پر عزم آهي ۽ پنهنجي هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهي. پاڪستان دهشتگردي جي جنگ ۾ 90 هزار کان وڌيڪ جاني نقصان کڻي چڪو آهي. هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته عالمي برادري ٻن ائٽمي قوتن وچ ۾ ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته ڀارت، پاڪستان جي امن جي ڪوشش کي ڪمزوري نه سمجهي، پاڪستان خطي جي ملڪن کي جنگ جي تباهڪارين کان بچائڻ چاهي ٿو.