اسلام آباد-28 اپريل (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت ۽ زونگ موبائل نيٽورڪ وچ ۾ حج 2025ع جي حوالي سان معاهدو طئي ٿي ويو. معاهدي تحت سمورن سرڪاري حج اسڪيم جي حج پانڌيئڙن کي خاص سمز فراهم ڪيون وينديون. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان مطابق معاهدي تي مذهبي معاملن واري وفاقي سيڪريٽري ڊاڪٽر سيد عطاءُ الرحمان ۽ زونگ ڪمپني وچ ۾ هڪ مفاهمتي يادداشت تي صحيحي ڪئي وئي جنهن تحت هڪ لک کان وڌيڪ سرڪاري حج پانڌيئڙن کي خاص موبائل سمز فراهم ڪيون وينديون. انهن ۾ سمز ۾ 8 جي بي انٽرنيٽ ڊيٽا، انٽرنيشنل ۽ لوڪل ڪال منٽس ۽ ميسيجز جون سهولتون شامل هونديون. ان قدم جو مقصد حج پانڌيئڙن کي پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ بهتر ۽ با ڪفايت رابطي جي سهولت فراهم ڪرڻ آهي. اهي سمز رپورٽنگ حاجي ڪيمپ ۾ روانگي کان 2 ڏينهن اڳ ٻين ضروري دستاويزن سان گڏ فراهم ڪيون وينديون. معاهدي تحت زونگ ڪمپني حاجي ڪيمپن ۾ معاونت لاءِ پنهنجا بوٿ قائم ڪندي جڏهن ته ڪمپني جا نمائندا سعودي عرب ۾ به حج جي موقعي تي پانڌيئڙن کي سمز فراهم ڪندا.