اسلام آباد-28 اپريل (اي پي پي) سينيٽ جو اجلاس اڱارو 29 اپريل منجهند 3 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. سومر ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ ڀارت طرفان والاريل ڄمون ڪشمير ۾ پهلگام حملي کانپوءِ پاڪستان خلاف جارحاڻن قدمن ۽ رد عمل تي بحث جاري رهيو. بعد ۾ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان اجلاس جي ڪارراوئي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.