اسلام آباد – 28 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ خطي ۾ بدلجندڙ صورتحال تي ويجهو رابطو ۽ مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڳالهه ٻولهه دوران نائب وزيراعظم قطر جي وزيراعظم کي ڀارت پاران هنيل بي بنياد الزامن، اشتعال انگيز بيانن ۽ هڪطرفي قدمن جي جواب ۾ پاڪستان جي قومي سلامتي ڪميٽي جي تازي ڳالهه ٻولهه ۽ فيصلن کان آگاهه ڪيو. قطر جي وزيراعظم خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڏيندي ملڪن جي وچ ۾ تڪرارن جي حل لاءِ مڪالمي ۽ سفارتڪاري جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ پراڻي ڀائيچاري تي ٻڌل لاڳاپن جو حوالو ڏنو ۽ خطي ۾ بدلجندڙ صورتحال تي ويجهو رابطو ۽ مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.