ڪراچي-24 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان بغداد جي گورنر ابو المطلب الاوي ملاقات ڪئي، جنھن ۾ ٻطرفي تعاون، معيشت سوڌو اھم شعبن ۾ حصيداري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستاني سفير محمد ذيشان، بوھرا برادري جي معززين ۽ ٻين شخصيتن به شرڪت ڪئي.گورنر ھائوس پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب سنڌ جي گورنر نجف ۾ مولا علي عليه السلام ۽ ڪربلا ۾ امام حسين عه ۽ مولا عباس عه جي مزارن تي حاضري ڀري. سنڌ جي گورنر چيو ته وزيراعظم ۽ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير پرڏيھي سيڙپڪاري جي سھولت لاءِ ايس آءِ ايف سي، ون ونڊو آپريشن رٿا شروع ڪئي آھي. ھن چيو ته عراق جي سيڙپڪارن کي به ايس آءِ ايف سي وسيلي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيان ٿو. بغداد جي گورنر گڏيل سھڪار،تجربن جي مٽاسٽا، تعليم ۽ سياحت سوڌو مختلف شعبن ۾ ھم آھنگي کي ھٿي وٺرائڻ تي زور ڀريو.