اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف حساس قيمتن جا انگ اکر (سينسيٽو پرائس انڊيڪس) جي سالياني شرح ڪاٽو 3.52 سيڪڙو تائين گهٽ ٿيڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته معاشي انگ اکر هر گذرندڙ ڏينهن سان بهتري طرف گامزن آهن، حڪومت عوام کي بهتر ٿيندڙ معاشي انگن اکرن جا ثمر منتقل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته 2024ع جي انهي ئي مهيني ۾ حساس قيمتن جي انگن اکرن جي شرح 26.94 سيڪڙو هئي جيڪا اپريل 2025ع ۾ ڪاٽو 3.52 رڪارڊ ڪئي وئي. هن چيو ته ملڪ جا معاشي انگ اکر هر گذرندڙ ڏينهن سان بهتري طرف گامزن آهن، حڪومت جي ڀرپور ڪوشش آهي ته عوام کي بهتر ٿيندڙ معاشي انگن اکرن جا ثمر ملن. وزيراعظم حڪومت جي معاشي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو.