ڪراچي-25 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ سرڪار جي 9 اپريل 2025ع کان شروع ڪيل ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙين خلاف ڪريڪ ڊائون ۾ ھن وقت تائين 23,591 موٽرسائيڪلون ضبط ڪيون ويون آهن .سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته غير قانوني فينسي نمبر پليٽن، ڪارن شيشن ۽ ٻين منع ٿيل ترميمن وارين 1,813 گاڏين خلاف ڪارروايون ڪيون ويون. 390 ڳرين ۽ لائيٽ ٽرانسپورٽ واريون گاڏيون پڻ ضبط ڪيون ويون آهن ۽ 359 گاڏين جي رجسٽريشن عارضي طور تي معطل ڪئي وئي. پنهنجي هڪ بيان ۾ سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته صوبي ۾ ٽرئفڪ قانونن جي ڀڃڪڙين خلاف شروع ڪيل خاص مهم پوري طاقت ۽ تسلسل سان جاري آهي. روڊن تي ٽريفڪ جي رواني، شهرين جو تحفظ ۽ قانون جي حڪمراني سنڌ سرڪار جي پھرين اولين ترجيح آھي. هن چيو ته ٽريفڪ جي بدانتظامي، هيلمٽ کان سواءِ موٽرسائيڪل هلائڻ، گهٽ عمر وارن ڊرائيورن ۽ ٻيون خطرناڪ شيون شهرين جي زندگين کي خطري ۾ وجهي رھيون آهن. جيڪي ماڻهو شهرين جي زندگين سان کيڏندا آهن انهن کي صحيح رستي تي آندو ويندو يا وري کين سختي سان منھن ڏنو ويندو. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ سرڪار هن مهم کي عارضي نه پر مستقل سڌاري واري تحريڪ بڻائڻ چاهي ٿي. عوام کي هن مهم جو حصو بڻجڻ گهرجي، قانون تي عمل ڪرڻ گهرجي، ۽ ٻين کي ذميوار شهري بڻجڻ جي ترغيب ڏيڻ گهرجي.