اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ملڪ مان مليريا جي خاتمي لاءِ ضروري قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب مليريا جي عالمي ڏينهن تي وزيراعظم پنهنجي پيغام ۾ چيو ته مليريا جو عالمي ڏينهن عالمي سطح تي عملي قدمن، مليريا جي خاتمي ۽ قابل علاج بيماري جي خلاف جنگ ۾ آخري حد تائين وڃڻ جي عزم جي تجديد جو ڏينهن آهي. هن سال جي ٿيم ”مليريا کي ختم ڪرڻو آهي: سيڙپڪاري، وڌيڪ ڪوششن ۽ نئين تحريڪ سان“ جو مقصد مليريا جي خاتمي طرف اڳڀرائي کي تيز ڪرڻ جي لاءِ عالمي پاليسي کان وٺي ڪميونٽي ايڪشن تائين سمورين سطحن تي ڪوششن کي نئين سر متحرڪ ڪرڻو آهي. حڪومت ۽ ملڪي قيادت، مليريا جي قومي پروگرامن ۽ صحت جي نظام جي سڌارن ۽ حڪمت عملي جي ذريعي، ڏورانهن علائقن تائين پهچڻ ۽ ان کي ختم ڪرڻ جي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي. وزيراعظم مليريا جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سمورين ڌرين، حڪومت، سول سوسائٽي، هيلٿ ورڪرز ۽ عالمي برادري کي اپيل ڪئي ته اهي متحد ٿي ان اهم مشن جي لاءِ ڪم ڪن.