اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪوئيٽا ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪندي ڌماڪي ۾ 4 ايف سي جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر آصف علي زرداري ڪوئيٽا ۾ ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي جڏهن ته هن ان ڌماڪي ۾ 4 ايف سي جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار پڻ ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ صدر شهيد ٿيندڙ ايف سي جوانن جي ملڪ جي دفاع لاءِ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي قومي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته پوري قوم پنهنجي شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي، اسان انهن جي قربانين جا معترف آهيون. هن چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگردن جي خلاف ڪارروايون جاري رکنداسين. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي، انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.