اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) سينيٽ ڀارت جي تازي جارحيت ۽ هڪطرفي قدمن جي خلاف متفقه مذمتي قرارداد منظور ڪري ورتي آهي. اها قرارداد نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سينيٽ ۾ پيش ڪئي، جنهن کي سمورين سياسي پارٽين پاران ڀرپور حمايت ملي. قرارداد ۾ ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدو ختم ڪرڻ جي اعلان، سرحدي ڇڪتاڻ ۽ اشتعال انگيز قدمن جي شديد مذمت ڪئي وئي. ايوان واضح پيغام ڏنو ته پاڪستان پنهنجي قومي مفادن ۽ پاڻي جهڙن اهم وسيلن تي ڪنهن به دٻاءُ يا هڪطرفي فيصلي کي قبول نه ڪندو. سينيٽ ۾ موجود سمورين سياسي پارٽين، بشمول اپوزيشن قومي يڪجهتي جو مظاهرو ڪندي قرارداد جي حمايت ڪئي، جيڪا ايوان مڪمل اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتي. نائب وزيراعظم قرارداد پيش ڪندي چيو ته پاڪستان پنهنجي دفاع، سلامتي ۽ خودمختياري تي ڪو ٺاهه نه ڪندو ۽ عالمي برادري کي ڀارت پاران خطي ۾ امن کي خطرن تي سنجيدگي سان ڌيان ڏيڻ گهرجي.