واشنگٽن-25 اپريل (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستاني معيشت درست رخ طرف گامزن آهي، جڏهن ته حڪومتي کنيل پاليسي قدمن ۽ مالي نظم ۽ ضبط جي نتيجي ۾ معيشت ۾ بهتري جا آثار نمايان ٿي رهيا آهن، مهانگائي ۾ گهٽتائي، ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس ۽ مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ استحڪام ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته معيشت پائيدار ترقي طرف گامزن آهي، پاڪستان آءِ ايم ايف سان جاري پروگرام کي ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، ايندڙ بجيٽ ۾ ٽيڪس نيٽ کي وسيع ڪرڻ، سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ ۽ روانگي واپار وڌائڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويندو، ناڻي واري وزير اهڙن خيالن جو اظهار واشنگٽن ۾ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) ۽ ورلڊ بئنڪ جي بهار جي مند واري اجلاس دوران اهم مالياتي ادارن ڪريڊٽ ايجنسين ۽ عالمي ڪارپوريشنز سان ملاقاتن دوران ڪيو. هن پنهنجي مصروفيات جي شروعات ويزا جي علائقائي نائب صدر اينڊريو ٽوري سان ملاقات سان ڪئي ۽ پاڪستان جي معيشت کي ڊجيٽلائيزيشن ۽ ويزا جي مختلف مالياتي مصنوعات جي تعارف ۾ سهڪار جي واکاڻ ڪئي. ناڻي واري وزير چيو ته ويزا پاران پاڪستان ۾ پنهنجين آفيسن جو انگيڻ تي وڌائڻ ۽ ون لنڪ ۽ پي پاڪ سان ان جو سهڪار مالي شموليت، اي ڪامرس، مٽاسٽا جي سيڪيورٽي ۽ پئمينٽ جي گيٽ ويز کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو ۽ مٽاسٽا جي ناڻي کي آسان بڻائيندو. هن ويزا جي علائقائي نائب صدر کي پاڪستان ۾ آپريشنل معاملن ۾ مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. ان کانپوءِ ناڻي واري وزير فلپ مورس انٽرنيشنل جي نائب صدر سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ڪمپني جي پاڪستان سان ڊگهي مدي وارن لاڳاپن جي واکاڻ ڪندي ناڻي وزير ڪاروباري ماحول ۾ بهتري ۽ حڪومتي ٽيڪس سڌارن تي روشني وڌي، ناڻي واري وزير سگريٽن جي غير قانوني پيداوار ۽ وڪري کي روڪڻ وارن قدمن جي اهميت تي زور ڀريو. جي پي مورگن جي ميزباني ۾ ”پاڪستان جي اقتصادي ۽ مالياتي پاليسي جو جائزو“ جي موضوع هيٺ هڪ سيمينار ۾ ناڻي واري وزير اداره جاتي سيڙپڪارن کي پاڪستان جي مستحڪم ميڪرو اڪنامڪ اهڃاڻن کان آگاهه ڪيو جن ۾ سرپلس ڪرنٽ اڪائونٽ، ناڻي واڌ ۾ گهٽتائي ۽ مٽاسٽا جي ناڻي وارن ذخيرن ۾ استحڪام ۽ قرضن جو موثر انتظام شامل آهن. انهن سمورين شين جي ڪري فچ جي پاڪستان جي خودمختيار ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري آئي آهي، هن ڀارت ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ سياحن جي فوتگين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪئي. سيمينار جي پڄاڻي تي سيڙپڪارن سان سوالن جوابن جو پڻ سيشن ٿيو. ناڻي واري وزير ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ (اي ڊي بي) جي صدر ماساتو ڪانڊا سان ملاقات ڪئي ۽ ان کي سندس مقرري تي مبارڪباد ڏني. هن پاڪستان سان اي ڊي بي جي پراڻي حصيداري ۽ ملڪ جي ترقي ۾ سهڪار جي واکاڻ ڪئي . ٻنهي اڳواڻن اي ڊي پي جي تڪميل هيٺ منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي ۽ ان جي رفتار تيز ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ناڻي واري وزير اي ڊي بي سان پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ لاءِ ڪريڊٽ گارنٽي جي حمايت ڪئي ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته اي ڊي بي طرفان هن سال بجيٽ ۾ مدد فراهم ڪئي ويندي. هن ماساتو ڪانڊا کي نومبر 2025ع جي ڪاريڪ اجلاس ۾ پاڪستان جي وفد جي شرڪت جي خاطري ڪرائي. ناڻي واري وزير فچ ريٽنگز ۽ موڊيز سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. هن پاڪستان جي خودمختيار ريٽنگ کي بي تائين اپ گريڊ ڪرڻ تي فچ جو شڪريو ادا ڪيو ۽ تونائي، ٽيڪس، ايس او ايز، عوامي ماليات ۽ قرضن جي انتظامن ۾ ڪيل سڌارن بابت آگاهه ڪيو. موڊيز سان ملاقات ۾ هن مضبوط اقتصادي اهڃاڻن جهڙوڪ ناڻي واڌ ۾ لاٿ، مالي سرپلسز، رڪارڊ ناڻي جي مٽاسٽا وارن ذخيرن ۽ ٽيڪس جي بنياد کي وسيع ڪرڻ لاءِ سڌارن تي زور ڀريو. ناڻي واري وزير آمريڪي انتظاميه سان واپاري معاملن ۾ تعميري حصيداري جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن ورلڊ بئنڪ جي ڊجيٽل ٽرانسفارميشن جي نائب صدر سنگبو ڪم سان ملاقات ڪئي ۽ ڊجيٽل پاڪستان پاليسي تحت ٿيندڙ اڳڀرائي تي روشني وڌي. ان دوران هن ٽيڪسيشن سڌارن ۽ ايف بي آر جي اينڊ ٽو ڊجيٽلائيزيشن ۾ خاص طور تي ذڪر ڪيو. ناڻي واري وزير حڪومت جي مختلف ادارن جي ضرورت تي زور ڀريندي پاڪستان جي پارٽنرشپ فريم ورڪ (سي پي ايف) کي ٽيڪنالاجي ذريعي عملي جامو پارائڻ لاءِ ورلڊ بئنڪ سان سهڪارجي درخواست ڪئي. سينيٽر اورنگزيب پاڪستان جي ڪلائميٽ فنانشل اسٽريٽجي ۽ ڪلائيمٽ پراسپيريٽي پلان جي تياري تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن آءِ ايم ايف سان ريزيلينس اينڊ سسٽين ايبلٽي فيسليٽي (آر ايس ايف) تحت تازي اسٽاف ليول معاهدي جو ذڪر ڪندي چيو ته ورلڊ بئنڪ جي 10 سالن جي پارٽنرشپ فريم ورڪ (سي پي ايف) ۾ ڪلائميٽ ريزيلينس ۽ ڊي ڪاربونائيزيشن کي اهم ترجيحن طور رکيو ويو آهي. ناڻي واري وزير عالمي مالياتي ڍانچي ۾ سڌارن تي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن موسمياتي تبديلين جي ناڪاري اثرن سبب متاثر ٿيل ملڪن جي مدد ڪري سگهجي. هن پاڪستان بئنڪ فنڊ اسٽاف ايسوسيئشن (پي بي ايف ايس اي) جي ميمبرن سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ انهن کي پاڪستان جي بهتر ٿيندڙ معاشي اهڃاڻن کان آگاهه ڪيو، ان ۾ آءِ ايم ايف جي ايڪسٽينڊڊ فنڊ فسيلٽي (اي ايف ايف) ۽ آر ايس ايف تحت ڪامياب اسٽاف ليول معاهدو شامل آهي. هن ورلڊ بئنڪ جي 10 سالن واري پارٽنرشپ فريم ورڪ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪا پاڪستان جي آبادي ۾ اضافي ۽موسمياتي تبديلين جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ جوڙي وئي آهي، ناڻي واري وزير حڪومت جي ڍانچيوار سڌارن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.، آءِ ايم ايف جي وچ اوڀر ۽ وچ ايشيا جي ڊائريڪٽر سان ملاقات ۾ هن پاڪستان جي اقتصادي پروگرام تي ڪامياب اسٽاف ليول معاهدي تي آءِ ايم ايف جو شڪريو ادا ڪيو. هن پاڪستان ۾ ادارن ۾ سڌارن جي عمل کي جاري رکڻ واري عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ فچ کي خودمختار ڪريڊٽ ريٽنگ جي اپ گريڊيشن طور پيش ڪيو. سينيٽر اورنگزيب روبرٽو هورنويگ جي قيادت ۾ اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بئنڪ جي وفد سان پڻ اهم ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان جي مالياتي خال کي ڀرڻ ۾ بئنڪ جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي، هن پاڪستان جي ميڪرو اڪنامڪ استحڪام، نجڪاري پروگرام ۽ فچ ريٽنگ اپ گريڊيشن کانپوءِ انٽرنيشنل ڪيپيٽل مارڪيٽ ۾ ٻيهر داخل ٿيڻ وارن منصوبن بابت ٽيم کي تفصيل ٻڌايا.