واشنگٽن-25 اپريل (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ولنر ايبل 20 (وي -20) وزارتي مڪالمه ۾ ڪلائميٽ پراسپيريٽي کي ممڪن بڻائڻ جي عنوان تي خطاب ڪيو. ناڻي واري وزارت مان جاري بيان موجب ناڻي واري وزير پاڪستان لاءِ ڪلائميٽ فنانشل اسٽريٽجي جي آغاز کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان هڪ ڪلائميٽ پراسپيرٽي پلان تيار ڪري رهيو آهي ۽ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان ريزيلينس اينڊ ايبلٽي فيسلٽي (آر ايس ايف) تحت هڪ نئين انتظام تي اسٽاف ليول معاهدو ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ورلڊ بئنڪ جو پاڪستان لاءِ منظور ٿيل 10 سالن جو ڪنٽري پارٽنرشپ پروگرام (سي پي ايف) ڪلائميٽ ريزيلينس ۽ ڊي ڪاربنائزيشن ۾ اهم ٿنڀ طور شامل آهي. هن چيو ته قابل سيڙپڪاري ۽ بئنڪ ايبل منصوبن جي ترقي لاءِ صلاحيت جي کوٽ هڪ چئلينج آهي. هن عالمي مالياتي نظام ۾ سڌارن جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن اهي ملڪ جيڪي ماحولياتي اثرن کان سڀني کان وڌيڪ متاثر آهن، انهن جي اقتصادي لچڪ، پائيداري ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائي سگهجي.