واشنگٽن – 25 اپريل (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب واشنگٽن ڊي سي ۾ ورلڊ بئنڪ جي ڊجيٽل ٽرانسفارميشن بابت نائب صدر سنگبو ڪم سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان ۾ جاري ڊجيٽلائزيشن جي ڪوششن تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران ناڻي واري وفاقي وزير پاڪستاني حڪومت جي ڊجيٽل پاڪستان پاليسي تحت کنيل قدمن مان آگاهه ڪيو. هن خاص طور تي ٽيڪسيشن نظام ۾ سڌارن ۽ فيڊرل بورڊ آف ريونيو (ايف بي آر) جي مڪمل ڊجيٽيلائزيشن تي روشني وڌي، جنهن ۾ انساني وسيلن، طريقيڪار ۽ ٽيڪنالاجي تي زور ڀريو. سينيٽر محمد اورنگزيب مختلف سرڪاري اداران وچ ۾ موثر رابطن جي اهميت تي به زور ڀريو ته جيئن ڊجيٽل ٽرانسفارميشن جو عمل وڌيڪ هموار ۽ موثر ٿئي. هن ورلڊ بئنڪ سان پاڪستان جي ڪنٽري پارٽنرشپ پروگرام (سي پي ايف) جي ڪامياب عملداري ۾ سهڪار جي درخواست ڪئي ته جيئن ٽيڪنالاجي جي بهتر استعمال سان ان پروگرام کي موثر بڻائي سگهجي. ناڻي واري وزير ورلڊ بئنڪ سان پاڪستان جي ڊجيٽل سفر تي رهنمائي حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو ويو ۽ ضرورت پوڻ تي حڪمت عملي ۾ تبديلي لاءِ تيار هجڻ جي عزم جو به اظهار ڪيو. ناڻي واري وفاقي وزير ورلڊ بئنڪ جي ڊجيٽل ٽرانسفارميشن بابت نائب صدر سنگبو ڪم کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.