واشنگٽن – 25 اپريل (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب پاڪستان بئنڪ-فنڊ اسٽاف ايسوسي ايشن (پي بي ايس ايف اي) جي ميمبرن سان ملاقات ڪئي آهي. ان دوران ناڻي واري وزير کين ملڪ ۾ معاشي اهڃاڻن ۾ بهتري کان آگاهه ڪيو. ناڻي واري وزارت مان جاري پڌرائي مطابق ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان ايڪسٽينڊڊ فنڊ فيسلٽي (اي ايف ايف) تحت پهرين جائزي تي اسٽاف ليول معاهدو ڪيو آهي ۽ ريزيلينس اينڊ سسٽين ايبلٽي فيسلٽي (آر ايس ايف) تحت هڪ نئون انتظام به طئي ڪيو آهي. ناڻي واري وزير ورلڊ بئنڪ بورڊ طرفان پاڪستان لاءِ 10 سالن جي ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ (سي پي ايف) جي منظوري کي به اجاگر ڪيو، جنهن ۾ آبادي ۽ ماحولياتي تبديلي جهڙن اهم چئلينجز تي ڌيان ڏنو ويو آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حڪومت ساختي سڌارن جي ايجنڊا کي لاڳو ڪرڻ لاءِ مڪمل طور تي پرعزم آهي. ان ملاقات جي پڃاڻي تي سوالن ۽ جواب جو سيشن ٿيو جنهن ۾ ناڻي واري وفاقي وزير مختلف سوالن جا جواب ڏنا.