واشنگٽن -25 اپريل (اي پي پي)ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب آئي ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ جي بهار واري مند جي اجلاس جي موقعي تي سٽي بينڪ جي وفد سان ملاقات ڪئي جنهن جي اڳواڻي وچ اوڀر، پاڪستان ۽ آفريقا لاءِ بينڪ جو سربراهه جارجي يوردا نوف ڪئي. ناڻي واري وزير پاڪستان جي مالياتي شعبي ۾ سٽي بينڪ جي ڊگهي عرصي جي وابستگي ۽ لڳاتار مدد کي ساراهيو. هن وفد کي پاڪستان جي بهتر ٿيندڙ معاشي صورتحال ۽ عالمي ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسين طرفان ريٽنگ ۾ تازي بهتري کان آگاهه ڪيو جهن سان پاڪستان جي ڪمرشل ڪريڊٽ مارڪيٽس ۾ واپسي لاءِ راهه هموار ٿي آهي. ڌرين مستقبل ۾ سهڪار جي امڪان جو جائزو ورتو ۽ گڏيل حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.