پشاور-25 اپريل (اي پي پي) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ملاقات ۾ ڪئنالن جي تعمير بابت تازا فيصلا قومي وحدت، آئيني گهرجن ۽ بين الصوبائي هم آهنگي جو عملي مثال آهن. سموري قوم انهن فيصلن جي ڀرپور آجيان ڪري ٿي. هتي جاري بيان ۾ هن چيو ته اها ڳالهه سٺو سنئوڻ آهي ته وزيراعظم سمورن صوبن جي اتفاق راءِ کي لازم قرار ڏيندي واضح ڪيو ته جيستائين گڏيل مفادن واري ڪائونسل کان منظوري نٿي ملي، ڪو به ڪئنال تعمير نه ڪيو ويندو، اهو فيصلو نه رڳو آئيني اصولن موجب آهي پر ننڍن صوبن جا خدشا ختم ڪرڻ ۾ به اهم سنگ ميل آهي. اهو فيصلو پيپلزپارٽي جي اصولي موقف ۽ وفاقي حڪومت جي بصيرت جو ثبوت آهي ته هر اهم قومي منصوبي تي سمورين ڌرين جي رضامندي حاصل ڪئي وڃي. هن چيو ته آئون سمجهان ٿو ته اهو رويو نه رڳو ملڪ ۾ سياسي تڪرار کي گهٽائيندو پر بين الصوبائي اعتماد کي به هٿي ڏيندو، اسان کي گهرجي ته اسان ان جذبي کي برقرار رکندي سمورن مسئلن کي ڳالهين ۽ مشاورت ذريعي حل ڪريون. خيبرپختونخوا جي گورنر چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان سنڌ طاس معاهدي ۽ ڀارت خلاف چٽو موقف تحسين جوڳو آهي. پاڪستان جي پاڻي جي حقن جي تحفظ لاءِ سندس موقف وفاق جي ترجماني ڪري ٿو.