پورٽ سوڊان – 28 اپريل (اي پي پي) ڳاڙهي سمنڊ ۾ 800 سال پراڻي هڪ وڏي مرجان ڪالوني دريافت ڪئي وئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڳاڙهي سمنڊ جي ترقي واري ڪمپني ڳاڙهي سمنڊ ۾ هڪ وڏي پيماني تي ” بافونا “ ڪورل ڪالوني جي دريافت جو اعلان ڪيوآهي. ان جو ڪاٿو 400 ۽ 800 سالن جي وچ ۾ لڳايو ويو آهي. جيڪو سعودي عرب جي اتر اولهه سمنڊ تي ” امالا “ منزل جي پاڻي اندر واقع آهي. ان دريافت کي خطي جي سڀ کان اهم ماحولياتي دريافت مان هڪ سمجهيو وڃي پيو . اها ماٺي سمنڊ ۾ 34 ضرب 32 ميٽر تي موجود دنيا جي سڀ کان وڏي مرجان ڪالوني جو مقابلو ڪري رهي آهي. اها دريافت ٿيل مرجان ڳاڙهي سمنڊ ۾ پنهنجي نوعيت جي هيستائين جي سڀ کان وڏي دريافت آهي. اميد ڪئي پئي وڃي ته اها امالا جي منزل تي سياحن لاءِ هڪ وڏي ڪشش بڻجي ويندي. اها ڳاڙهي سمنڊ جي اونهائي ۾ تيراڪي جو هڪ غير معمولي تجربو پيش ڪري ٿي. ريڊ سي ڊولپمينٽ ڪمپني سياحن کي ان ڪالوني جي خوبصورتي مان لطف اندوز ٿيڻ جي اجازت ڏيندي، ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائيندي ۽ مقامي ماحولياتي نظام تي ناڪاري اثرن کي گهٽائيندي.