اسلام آباد-17 جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻيءَ ۾ سفارتي مشن جي ڪاميابي کان پوءِ وطن واپسيءَ تي پارٽي اسلام آباد ۾ سندس آجيان لاءِ بينر لڳائي ڇڏيا آهن. سيڪريٽري جنرل سيد نيئر حسين بخاري، پارٽي ۽ قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن اعجاز جکراڻي ۽ آغا رفيع الله ۽ پارٽي ليڊر نعيم اسلم ڪياني طرفان شاهراهه دستور ڊي چؤڪ اسلام آباد کي آجيان وارن بينرن سان سينگاريو آهي. اسلام آباد ايئرپورٽ روڊ ۽ مختلف روڊن ۽ شاهراهن تي بينرز لڳايا ويا آهن. گذريل ڏينهن پ پ پاران جاري بيان ۾ سيڪريٽري جنرل سيد نيئر حسين بخاري چيو ته بلاول ڀٽو زرداري سفارتي محاذ تي پاڪستان جي نمائندگيءَ جو حق ادا ڪيو، هن واشنگٽن، نيويارڪ، لنڊن ۽ برسلز ۾ عالمي اڳواڻن آڏو پاڪستان جو مؤقف ٺوس دليلن سان اجاگر ڪيو. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي محاذ تي پاڪستان جو اثرائتو ۽ توانو آواز آهي، گهڻ جماعتي پارلياماني وفد بنا رڪاوٽ ملڪ ۽ ملت جي خدمت جو فرض نڀايو آهي. \