اسلام آباد-17 جون (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان عوامي جمهوريه چين جي سفير جيانگ زائيڊونگ سان خيرسگالي ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان جي هاڻوڪي معاشي سڌارن ۽ پاليسي قدمن کي ساراهيو. جاري بيان موجب سفير سان گڏ اعليٰ سطحي وفد پڻ هو، جنهن ۾ منسٽرز، قونصلرز يانگ گوانگيوان ۽ شو هانگتيان، سيڪنڊ سيڪريٽري وانگ چن، ٿرڊ سيڪريٽري زانگ ڊاٽوو ۽ اتاشي ليوليزهن، يانگ ڊاپينگ ۽ وانگ جِنگ جيو به شامل هئا. ٻنهي ڌُرين گڏيل واپار ۽ سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ تي فائديمند ۽ تعميري ڳالهيون ڪيون. ان دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ موجوده اقتصادي ناتن جو جائزو ورتو ويو ۽ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، خاص طور تي اُڀرندڙ شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي زور ڀريو ويو. ٻنهي ملڪن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته هو گڏيل اقتصادي انضمام کي وڌيڪ گهرو ڪندا، پائيدار واپاري طريقن کي هٿي ڏيندا ۽ شين، خدمتن ۽ مهارتن جي مٽاسٽا کي آسان بنائيندا. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته سموري سطح تي ويجهن رابطن ۽ باقاعده مٽاسٽا کي جاري رکيو ويندو ته جيئن جاري قدمن تي اثرائتو عمل يقيني ۽ سهڪار جا نوان موقعا تلاش ڪري سگهجن. ملاقات هڪ گڏيل ويزن تي پڄاڻي تي پهتي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي جامع ترقي، علائقائي رابطن ۽ ڊگهي مُدي واري خوشحالي کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. چيني سفير پاڪستان حڪومت جي هاڻوڪي معاشي سڌارن ۽ پاليسي قدمن کي ساراهيو. هن پاڪستان جي مضبوط معاشي بحالي جي به تعريف ڪئي. هن پاڪستان جي معيشت کي استحڪام ۽ پائيدار ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪرڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت کي به ساراهيو.