اسلام آباد-17 جون (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته پاڪستان ستن سب ميرين ڪيبلز ذريعي ٽيليڪام رابطن جو اثرائتو نيٽ ورڪ رکي ٿو، مستقبل ۾ مصر جي ڀائيواريءَ جا خواهشمند آهيون. آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت طرفان جاري بيان موجب مصري سفير ڊاڪٽر ايهاب محمد عبدالحمد حسن، وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سائبر سيڪيورٽي ۽ ميري ٽائيم ڪيبلز ۾ سهڪار لاءِ گڏيل ورڪشاپس جو بندوبست ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ مصر ۾ هڪجهڙائي آهي جيڪي مختلف شعبن ۾ ڀائيواريءَ جو بنياد فراهم ڪن ٿيون. مصري آئوٽ سورسنگ هدف ۽ نيشنل ڊجيٽلائيزيشن ايجنڊا وزيراعظم شهباز شريف جي ڊجيٽل پاڪستان ويزن سان هم آهنگ آهي. هن چيو ته پاڪستان سائبر سيڪيورٽي جي شعبي ۾ عالمي سطح تي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. هيڪاٿونز کي عالمي موٽ ملي، مصري نوجوانن کي پاڪستاني سائبر سيڪيورٽي مقابلن ۾ شرڪت جي دعوت ڏيان ٿي. وفاقي وزير چيو ته ٻئي ملڪ اهم اسٽريٽجڪ ماڳن تي واقع آهن، پاڪستان وچ اوڀر کي مصر ۽ دنيا سان جوڙي ٿو، ان موقعي تي مصري سفير چيو ته فائيو جي، فن ٽيڪ، تربيتي پروگرامز ۽ اسڪالرشپس ۾ ٻه طرفي سهڪار جا خواهشمند آهيون.